اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باوجوه ڪالهه سومر ڏينهن الوداعي مُلاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي پاڪ فوج، مُلڪي دفاع ۽ قومي مفادن جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مُوجب وزيراعظم جيو اڪنامڪس جي اهميت جي حوالي سان جنرل قمر جاويد باجوه جي ڪردار کي ساراهيو، وزيراعظم چيو ته فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جو نالو ڪڍرائڻ، ڪ??رو??ا وبا ۽ ٻوڏ سميت مختلف بحرانن ۾ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج مثالي خدمتُون سرانجام ڏنيُون، دهشتگردي جي لعنت کي ڪچلڻ لاءِ جنرل قمر جاويد باجوه جي قيادت ۾ پاڪ فوج وڏي بهادري، شجاعت ۽ بهادري سان ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته جنرل قمر جاويد باجوه تاريخ جي هڪ مُشڪل دور ۾ پاڪ فوج جي قيادت ڪئي، پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ جنرل قمر جاويد باجوه اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته مُشڪل علائقائي صورتحال ۾ جنرل قمر جاويد باجوه قائداڻي ڪردار سان سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ رُخ طئه ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ سمُورين سياسي قوتن کي ميثاق معيشت تي صحيحُون ڪري گڏيل ڏاهپ جو مُظاهرو ڪرڻو پوندو، وزيراعظم آرمي چيف سان ڳالهائيندي چيو ته توهان کي دُنيا جي بهترين فوج جي قيادت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قومي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا، وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل قمر جاويد باجوه جي مان ۾ مانجهاندو به ڏنو، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ ڀرپُور تعاون تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.
متعلقہ مضامین
-
Three die in Karachi rain-related incidents
-
Dar to attend OIC-CFM extraordinary session in Jeddah
-
Iraqi’s diplomat calls on minister for defence production
-
Pakistan’s total liquid foreign reserves rise to $15.48bn
-
Alchemy Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
لکی گاڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ
-
Two women allegedly abducted in Islamabad
-
WASAs performance lackluster: DCO
-
Aug 22 perpetrators will be punished: Sindh CM
-
Chat with Trump isnt going to save Nawaz
-
کیسیننیو تفریحی سرکاری داخلی راستہ
-
کار کریش گیم آفیشل ویب سائٹ کی مکمل تفصیل